ابيات سنڌي

ابيات سنڌي (ڪتاب ):ھن ڪتاب ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املهه ذخيرو آھي. خواجه صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين. خواجه صاحب جي انھن بيتن جي شرح سندس شاگرد جيد عالم، ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ عربي ٻوليءَ ۾ لکي. ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ اھا شرح 1180 -1185 ھ /1766-1771ع ڌاري لکي ھئي.
خواجه صاحب جا بيت ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ھئا. پر انھن جي عربي ٻوليءَ ۾ شرح ھڪڙي ئي رسالي ۾ ’ابيات سنڌيءَ‘ جي نالي سان قلمبند ڪئي وئي ھئي، جيڪو سڀ کان پھرين 1939ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم عربي عبارت کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو. ھن ڪتاب ۾ خواجه صاحب جي بيتن ۾ آيل تصوف جي موضوع تي گرھوڙي صاحب جا صوفيانه نڪتا بيان ڪيل آھن. ڪتاب جي ابتدا ۾ خواجه محمد زمان جي حياتيءَ جو احوال، شاھ لطيف جي خواجه صاحب سان ملاقات، تصوف بابت خواجه صاحب جا ارشادات، اسلامي تصوف تي ھڪ باب ۽ شيخ عبدالرحيم گرھوڙيءَ جي سوانح عمري شامل آھن.
ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1956ع ۾ سنڌي ادبي سوسائٽيءَ طرفان ۽ ٽيون ڇاپو 1996ع ۾ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز طرفان ڇاپيو ويو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1125.00.00  هجري

ابيات سنڌي ( ڪتاب ) : ھن ڪتاب ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن ، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املهه ذخيرو آھي . خواجه صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين .


1317.00.00  عيسوي

ابيات سنڌي ( ڪتاب ) : ھن ڪتاب ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن ، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املهه ذخيرو آھي . خواجه صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين .


1188.00.00  هجري

ابيات سنڌي ( ڪتاب ) : ھن ڪتاب ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن ، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املهه ذخيرو آھي . خواجه صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين .


1774.00.00  عيسوي

ابيات سنڌي ( ڪتاب ) : ھن ڪتاب ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن ، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املهه ذخيرو آھي . خواجه صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين .



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌي شاعري
تذڪره روضة السلاطين
دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ
پوان شل قبول
پاڻ کي سڌارڻ جو سولو اُپاءُ
اندر جي اڇل
تذڪره تڪملة التڪملة
شرافت جي پلصراط
سپني کان سهڻي ساڀيان
الادويات تحمة المعروف فرهنگ جعفري
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون